ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (زندگي ۽ خدمتون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (زندگي ۽ خدمتون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ زندگي ۽ خدمتون

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (زندگي ۽ خدمتون) (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي زندگيءَ جو احوال تي مبني آهي ۽ محمد انس راڄپر لکيو آهي، ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي، جڏهن ته پبلشر نوٽ محمد يعقوب مغل ڊائريڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان جي خاندان پيدائش تعليم ۽ زندگيءَ جو احوال شامل آهي، ڪتاب ۾ سندس تعليمي ۽ تربيتي دؤر سندس عملي زندگيءَ جو احوال موجود آهي، جنهن ۾ سندس مختلف ادارن ۾ ملازمت ۽ سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ ڪيل خدمتن جو احوال آهي. هن ڪتاب ۾ 16 باب آهن، جيڪي تعليم ۽ ڪم جي حوالي سان ورهايا ويا آهن.
200 صفحن تي مبني چار رنگي ٽائيٽل وارو هي ڊيمي سائيز ڪتاب ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو